هٿياربند فوج جي پگهارن ۽ الائونسز لاءِ گرانٽ منظور

هٿياربند فوج جي پگهارن ۽ الائونسز لاءِ گرانٽ منظور

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطا ڪميٽي هٿياربند فوج جي پگهارن، الائونسز ۽ ٻين واجبات لاءِ دفاع واري وزارت کان 15.83 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ معيشت، توانائي ۽ خوراڪ جي تحفظ سان لاڳاپيل ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.اي سي سي هٿياربند فوج جي پگهارن، الاؤنسز ۽ ٻين واجبات لاءِ دفاع واري وزارت کان 15.83 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني.اي سي سي موجب، منظور ٿيل گرانٽ تازي پاڪ-ڀارت جنگ جي شهيدن لاءِ وزيراعظم جي پيڪيج تحت واجبات جي ادائيگي لاءِ جاري ڪئي ويندي. ان کان علاوه، اقتصادي رابطا ڪميٽي کنڊ جي درآمد جي منظوري ڏني. اي سي سي ننڍن هارين ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن لاءِ خطري جي ڍڪ واري اسڪيم شروع ڪرڻ جي تجويز کي منظور ڪيو آهي. ان جي سرڪاري لانچ 14 آگسٽ 2025 تي متوقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو