ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي جو اعلان ٿيڻ بعد عالمي منڊيءَ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي اعلان کانپوءِ عالمي منڊيءَ ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت لڳ ڀڳ 9 سيڪڙو گهٽجي وئي، جنهن کانپوءِ برينٽ خام تيل جي قيمت 70 ڊالر في بيرل تي اچي وئي آهي. رپورٽ موجب، عالمي منڊيءَ ۾ ڊبليو ٽي آءِ (WTI) خام تيل جي قيمت 7.22 سيڪڙو گهٽجي 68.51 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڪلاڪ اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو هو. پاڪستاني وقت موجب ايران صبح 9 وڳي کان جنگبندي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسرائيل به پنهنجي فضائي حدون کوليون آهن. ان کان علاوه، آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان ٻنهي ڌرين کان جنگبندي جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي وئي آهي.










