ايران ۾ مهم مقصد حاصل ٿيڻ تي ختم ٿيندي: نيتن ياهو

ايران ۾ مهم مقصد حاصل ٿيڻ تي ختم ٿيندي: نيتن ياهو

تل ابيب(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته ايران ۾ مهم تڏهن ختم ٿي ويندي جڏهن اسان جا مقصد پورا ٿي ويندا. پرڏيهي خبرن جي اداري موجب اسرائيلي وزيراعظم چيو ته حملن دوران ايران جي فورڊو ايٽمي پلانٽ کي سخت نقصان پهتو آهي. هن چيو ته اسرائيل ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ بيلسٽڪ ميزائلن کي تباهه ڪرڻ جي پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ويجهو آهي، ۽ ايران ۾ مهم ان وقت ختم ٿي ويندي جڏهن مقصد پورا ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو