آمريڪا اسرائيلي حملي ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا

آمريڪا اسرائيلي حملي ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا

تهران (ويب ڊيسڪ)اسرائيل ايٽمي سهولتن تي حملو ڪري هڪ نئين ڳاڙهي لڪير پار ڪئي، توانائي جي بنيادي ڍانچي تي حملا خليج فارس ۾ جنگ جو سبب بڻيا، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا اسرائيل جي حملي ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا. اسرائيل ايٽمي سهولتن تي حملو ڪري هڪ نئين ڳاڙهي لڪير پار ڪري ڇڏي آهي. توانائي جي بنيادي ڍانچي تي حملن جنگ کي فارسي خليج ۾ آندو آهي. هن واضح ڪيو ته يورينيم کي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ افزوده ڪرڻ جو عمل جاري رهندو.تهران ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته ايران تي اسرائيل جو حملو آمريڪي آشيرواد کانسواءِ ممڪن نه هو. اسرائيلي حملي ۾ آمريڪي ملوث هجڻ جا ڪافي ثبوت موجود آهن. آمريڪا هڪ خط موڪليو آهي جنهن ۾ اسرائيلي حملي ۾ حصو نه وٺڻ جو دعويٰ ڪيو ويو آهي.هن مطالبو ڪيو ته بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي ايران جي نطنز ري ايڪٽر تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪري، واضح طور تي چيو ته ايران ڪنهن به معاهدي جو حصو نه هوندو جيڪو ان کي ايٽمي توانائي حاصل ڪرڻ کان روڪيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو