ڪراچي، قيدين جي فرار جي شروعاتي رپورٽ اي ٽي سي ۾ جمع

ڪراچي، قيدين جي فرار جي شروعاتي رپورٽ اي ٽي سي ۾ جمع

ملير )ن س )ڪراچي جي ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ جي ڪيس جي شروعاتي رپورٽ دهشتگردي جي خاتمي واري انتظامي عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. شاهه لطيف پوليس عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيل ڀڃڻ ۾ ملوث قيدين خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ملير جيل مان 216 قيدي فرار ٿي ويا، 88 قيدين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، شروعاتي رپورٽن ۾ 8 قيدي زخمي ٿيڻ جو ذڪر آهي. رپورٽ ۾ ڪنهن به شڪي جي گرفتاري جو ذڪر ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو