آمريڪا ۾ ننڍو جهاز رهائشي علائقي ۾ ڪري تباهه، گهرن کي باهه

آمريڪا ۾ ننڍو جهاز رهائشي علائقي ۾ ڪري تباهه، گهرن کي باهه

سين ڊياگو(ويب ڊيسڪ)شهر جي مرفي ڪينيون (Murphy Canyon) پاڙي ۾ اڄ صبح ٿڌ ۽ ڌند واري موسم دوران هڪ ننڍو سيسنا جهاز ڪري پيو. مقامي اختيارين ٻڌايو آهي ته حادثي کان پوءِ لڳ ڀڳ 15 گهرن ۽ 7 گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي بلاڪن ۾ ٻين رهواسين کي گھر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. پريس ڪانفرنس دوران فائر ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ چيِف، ڊين ايڊي (Dan Eddy) چيو ته “هر هنڌ تي جيٽ فيول پکڙيل آهي” ۽ اختيارين جو مکيه مقصد سڀني گهرن جي تلاشي وٺي ماڻهن کي محفوظ ڪرڻ آهي. ايڊي وڌيڪ چيو ته “ڪيترا ئي گهر سڌي ريت متاثر ٿيا آهن”. اختيارين موجب 3 ڄڻا زخمي ٿيا جن مان هڪ اسپتال داخل آهي ۽ ٻن جي ملم پٽي ڪري کين روانو ڪيو ويو. جهاز ۾ ڪيترا ماڻهو ۽ ڪير ڪير سوار هئا، ان بابت ڪجهه به نٿو ٻڌايو وڃي. چيو پيو وڃي ته هي بزنس فيملي هئي ۽ مونٽگومري هوائي اڏي کان 10 ڪلوميٽر پري فوجي رهائشي علائقي ۾ جهاز ڪريو.علوم ناهي ٿي سگهيو ته ڪو زخمي ٿيو آهي يا جهاز ۾ ڪير سوار هو. وفاقي هوابازي انتظاميه موجب، هي ننڍو جهاز Cessna 550 هو، جيڪو 6 کان 8 ماڻهن تائين مسافر کڻي سگھي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو