اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ سني اتحاد ڪائونسل بينچ جي قيام کي چئلينج ڪندڙ درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ، مخصوص سيٽن بابت سني اتحاد ڪائونسل جي مختلف درخواستن تي فيصلو ڏيندي ڪيس جي لائيو اسٽريمنگ جي اجازت ڏني، سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل پاران داخل ڪيل مختلف درخواستن تي مختصر فيصلو ڏنو ۽ تفصيلي حڪم بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.عدالت 26 هين آئيني ترميم جي درخواستن تي فيصلي کان پوءِ مخصوص سيٽن جي ڪيس جي ٻڌڻي جي درخواست کي به رد ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ کي مخصوص سيٽن جي ڪيس جي لائيو اسٽريمنگ لاءِ انتظام ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










