واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا کي ميزائيل، ڊرون ۽ سپر سانڪ، اسٽيلٿ ميزائيل ۽ اسپيس مان ٿيندڙ حملن کان بچائڻ لاءِ گولڊن ڊوم يعني ميزائيل ڊفينس شيلڊ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. 175 ارب ڊالر جي هن رٿا لاءِ 25 ارب دالر فوري مختص ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي ۽ چيو آهي ته هي رٿا 2029 ۾ سندس صدارتي مدت پوري ٿيڻ وقت مڪمل ٿي ويندي. سڀ کان اڳ هي رٿا 1981 ۾ رونالڊ ريگن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. ان وقت سوويت يونين سان سندن سرد جنگ جاري هئي ۽ اسٽار وار جون ڳالهيون به ٿينديون هيون. اسرائيل پنهنجي لاءِ آئرن ڊوم ٺاهيو آهي ۽ هاڻي آمريڪا گولڊن ڊوم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ٽيڪس ڪٽ بل ۾ هن رٿا لاءِ 25 ارب ڊالر منظور ڪرڻ لاءِ بل ڪانگريس ۾ پيش ڪيو ويندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايڏي وڏي منصوبي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 سال گهربل هوندا ۽ 2029 تائين شايد مڪمل نه ٿي سگهي. چين جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا هن رٿا سان دنيا ۾ اسپيس وار ۽ هثيارن جي ڊوڙ شروع ڪئي آهي. آمريڪا جي ٻئي حريف روس جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ان کي آمريڪا جو اندروني معاملو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو آمريڪا جو پنهنجو فيصلو آهي. ڪئناڊا به هن رٿا ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي ۽ ان ڏس م ٻنهي ملڪن جي قيادت ۾ مشاورت هلندڙ آهي. وڌو امڪان آهي ته هن رٿا جو وڏو ڪانٽريڪٽ ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس کي ملي. اهڙي خدشي جو اظهار ڪندي 42 ڊيموڪريٽ ڪانگريس ميمبرن هڪ خط به لکيو آهي ۽ چيو آهي ته هي ذاتي مفادن جو رياستي مفادن سان ٽڪراءُ هوندو.










