راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد، ڪراچي کي 79 رنز تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. ڪراچي جي پوري ٽيم 18.2 اوورن ۾ 172 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ٽم سائفرٽ 26 ۽ ڊيوڊ وارنر 43، عرفان نيازي 14، عامر جمال 16، عباس آفريدي 34 ۽ مير حمزا 12 رنسون ٺاهيون، ٻيو ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ نه اڇي سگهيو. شاداب 4 ۽ سلمان ارشاد 3 وڪيٽون ورتيون، عماد وسيم 2 ۽ هڪ وڪيٽ سلمان آغا ورتي. ان کان اڳ اسلام آباد، ڪراچي کي ميچ کٽڻ لاءِ 152 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو. پي ايس ايل جي گروپ سطح جو آخري ۽ 30 هون ميچ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ۽ اسلام آباد جي ٽيمن ۾کيڏيو پيو وڃي. ڪراچي ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.ڇاتي جي ڪينسر جي ڏينين جي نسبت سان پي ايس ايل پنڪ بينر لهرايا. اسلام آباد جي اوپنرز صاحبازاده فرحان ۽ ايليڪس هيلز جارحاڻي راند شروع ڪئي ٻنهي ففٽيون مڪمل ڪندي 10 اوورن ۾ ٽيم جو اسڪور سوا سئو کان ٽپائي ڇڏيو. بيٽنگ پچ هئڻ سبب ڪراچي جا سڀ بالر بيوس نظر آيا. پهرين وڪيٽ 12 هين اوور ۾ امير حمزه کي ملي جڏهن صاحبزاده فرحان 3 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 41 بالن تي 73 رنز ٺاهي عباس آفريدي هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ريسي وين دردسن عامر جمال جي بال تي وڏي شاٽ کيڏندي 7 بالن تي هڪ رن ٺاهي ڊيوڊ وارنر هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد سلمان آغا آيو جيڪو 7 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. ايلڪس هيلز سينچري نه ڪري سگهيو ۽ 35 بالن تي 8 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 88 رنز ٺاهي خوشدل جي بال تي بولڊ ٿيو. شاداب 19 بالن تي 42 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. جنهن بعدحيدر علي 9 بالن تي 19 ۽ بين دوارشس 3 بالن تي 10 رنز ٺاهيون. اسلام آباد 5 وڪيٽن جي نقصان تي 20 اوورن ۾ 151 رنز اسڪور ڪيون.










