’ڀارتي رپورٽ، پاڪستاني دعوا جي تصديق ڪري ٿي‘

’ڀارتي رپورٽ، پاڪستاني دعوا جي تصديق ڪري ٿي‘

نئين دلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا جي هڪ تازي رپورٽ غير متوقع طور تي پاڪستان جي انهي دعويٰ جي تائيد ڪري ٿي جنهن ۾ ٻن ڀارتي S-400 ايئر ڊيفنس سسٽمز کي تباهه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ڀارتي پبليڪيشن، فرسٽ بهار جھارکنڊ موجب، رام بابو ڪمار سنگهه نالي هڪ سپاهي، جيڪو مبينا طور S-400 جو آپريٽر هو، گذريل هفتي سرحد پار ڇڪتاڻ دوران مارجي ويو هو. سنگهه، جيڪو بهار جي ضلع سيوان جو رهواسي هو، کيس 10 اپريل کان ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مقرر ڪيو ويو هو ۽ هو سومر جي منجھند ڌاري مبينا طور پاڪستاني فوج جي فائرنگ سبب مارجي ويو هو. پاڪستان مسلسل دعويٰ ڪندو رهيو آهي ته آپريشن ُبنيان مَرصوص دوران ٻن ڀارتي S-400 نظامن کي تباهه ڪيو ويو هو. هڪ آدمپور ايئر بيس تي ۽ ٻيو اُڌمپور ۾ڪيل حملن ۾ تباهه ٿيا هئا. رپورٽن موجب، هن حملي لاءِ JF-17 جنگي جهازن مان CM-400AKG هائپرسانڪ ميزائل فائر ڪيا ويا هئا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي آدمپور جو دورو ڪيو، ته پاڪستان جي دعويٰ جو جواب ڏيندي هن S-400 لانچر جي اڳيان بيهي تصوير ڪڍرائي. پر ماهرن جو چوڻ آهي ته اها تصوير شايد ڀارت لاءِ اوٽ ۾ هجي، ڇو ته ان ۾ S-400 جي اهم ريڊار ۽ ڪمانڊ ماڊيولز نظر نه آيا، جيڪي ڪنهن حقيقي حملي دوران پهريون هدف بڻجن ٿا. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پاران CM-400AKG ميزائلن جو استعمال، جيڪي ريڊار هومنگ سان ليس آهن، ان جي دعويٰ کي وڌيڪ مستند بڻائي ٿو. هي ميزائل دشمن جي ريڊار سگنلز کي ٽريڪ ڪري ٿو بغير پنهنجو سگنل خارج ڪرڻ جي، جنهن سان ڳجهو ۽ درست نشانو وٺڻ ممڪن ٿئي ٿو، خاص ڪري S-400 جهڙن قيمتي دفاعي نظامن خلاف. ڀارت ايس 400 دفاعي نظام جو في يونٽ روس کان ڏيڍ ارب ڊالر ۾ خريد ڪيو هو. جيتوڻيڪ ٻئي ملڪ مختلف دعوائون ڪري رهيا آهن پر S-400 جي آپريٽر جي تصديق ٿيل موت جي خبر ۽ سرڪاري تصويرن ۾ اهم S-400 حصن جي غير موجودگي پاڪستان جي حق ۾ دليلن کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو