آمريڪي سفير جي گهرو وزير سان 48 ڪلاڪن ۾ ٻيهر ملاقات

آمريڪي سفير جي گهرو وزير سان 48 ڪلاڪن ۾ ٻيهر ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي قائم مقام سفير نيٽلي بيڪر 48 ڪلاڪن ۾ ٻي ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ-ڀارت تڻاتڻ سميت سرحدن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، آمريڪي قائم مقام سفير کي تازي صورتحال بابت آگاهه ڪيو، ڀارت جي ڊرونز ذريعي دهشتگردي بابت به بريفنگ ڏني، ۽ چيو ته ڀارت سڀني عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڀارت شهرين واري آبادي کي ڊرونز سان نشانو بڻائڻ جي مذموم ڪوشش ڪئي، پاڪستان موثر ڪارروائي ڪندي درجنين ڊرونز کي تباهه ڪيو. هن آمريڪي عهديدار کي ٻڌايو ته علائقي جي خطري واري صورتحال جو مڪمل ذميوار ڀارت آهي، سڄو علائقو جنگ جي ڪناري تي بيٺو آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي سلامتي تي ڪا به آنچ اچڻ نه ڏني ويندي. ياد رهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي قائم مقام سفير نيٽلي بيڪر گذريل ڏينهن به ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ڀارت جي حملي کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون. سرڪاري ٽيليويزن طرفان سماجي رابطي جي ويب سائيٽ “ايڪس” تي پوسٽ ذريعي ڄاڻايو ويو هو ته ملاقات دوران آمريڪا جو سياسي قونصلر زيڪ هارڪن رائيڊر ۽ مملڪتي وزير براءِ داخلا طلال چوهدري به ڪالهه واري ملاقات ۾ موجود هئا. رپورٽ موجب، ملاقات ۾ ڀارت جي حملي کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو