پي ايس ايل 10 شيڊول مطابق جاري رهندو

پي ايس ايل 10 شيڊول مطابق جاري رهندو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 شيڊول مطابق جاري رهندي.ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو چوڻ آهي ته اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي وچ ۾ ميچ اڄ شيڊول مطابق راولپنڊي ۾ ٿيندو.پي سي بي چيو ته ميچ جو ٽاس شام 7:30 وڳي ٿيندو ۽ ميچ رات 8 وڳي شروع ٿيندو.ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل 10 جي باقي ميچن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي.پي ايس ايل 10 جو فائنل 18 مئي تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو