ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ ٽيم ڪراچي ڪنگز جو فاسٽ بالر حسن علي پي ايس ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو.حسن علي 84 اننگز ۾ ڪُل 116 وڪيٽون حاصل ڪيون، جنهن سان وهاب رياض جو 113 وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙيو.ڪراچي ڪنگز جي فاسٽ بالر اهو اعزاز ڪالهه ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف ميچ ۾ حاصل ڪيو.فاسٽ بالر حسن علي ڪوئيٽا خلاف شاندار بالنگ ڪئي، ميچ ۾ 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.ان کان اڳ پي ايس ايل ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو رڪارڊ وهاب رياض وٽ هو، جنهن 87 اننگز ۾ 113 وڪيٽون ورتيون هيون.










