ٽي پي لنڪ ڪينال جي کڻت ۾ واڌ، پنجا ب جو کوٽ شيئر ڪرڻ کان انڪار

ٽي پي لنڪ ڪينال جي کڻت ۾ واڌ، پنجا ب جو کوٽ شيئر ڪرڻ کان انڪار

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ٽي پي لنڪ ڪينال بند ڪرڻ وارو سنڌ جو مطالبو ٿڏيندي الٽو پاڻي جي کڻت وڌائي ڇڏي آهي. ارسا پاران جاري ڪيل ڊيلي رپورٽ ۾ اربع تي ٻڌايو آهي ته ٽي پي لنڪ ڪينال ۾ 3814 ڪيوسڪس پاڻي کنيو ويو، جيڪو گذريل ڏينهن 2981 ڪيوسڪس هو. اربع تي 833 ڪيوسڪس پاڻي وگذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ کنيو ويو آهي. ڪي پي جي واحد ڪينال چشما رائيٽ بئنڪ ڪينال يعني سي آر بي سي ۾ به کڻت وڌائي وئي آهي جيڪا اربع تي 4050 ڪيوسڪس آهي. ارسا جي ڊيٽا موجب گذريل سال هن ڏينهن تي سنڌ کي 42 هزار ڪيوسڪس پاڻي مليو هو جڏهن ته اربع تي سنڌ کي 35 هزار ڪيوسڪس پاڻي مليو آهي. پنجاب کي گذريل سال هن ڏينهن تي 41500 ڪيوسڪس پاڻي مليو هو ۽ اربع تي کيس 41400 ڪيوسڪس پاڻي مليو آهي. پنجاب کوٽ شيئر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڪهڙي بيراج ۽ ڪهڙي ڪينال ۾ 16 اپريل تي ڪيترو پاڻي کنيو ويو، ڏسڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو