پنجاب جو ڏاڍ، سنڌ جي مخالفت باوجود ٽي پي لنڪ ڪينال کولي ڇڏيو

پنجاب جو ڏاڍ، سنڌ جي مخالفت باوجود ٽي پي لنڪ ڪينال کولي ڇڏيو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سنڌ حڪومت ۽ سنڊس رور سسٽم اٿارٽي يعني ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي جي مخالفت باوجود پنجاب جي فرمائش تي ارسا تونسا پنجند (ٽي پي) لنڪ ڪينال کولي ڇڏيو. اڱاري ڏينهن جي ارسا پاران جاري ڪيل ڊيٽا موجب 2981 ڪيوسڪس پاڻي ٽي پي لنڪ ڪينال ۾ ڇڏيو ويو آهي. سنڌيار پاران رابطو ڪرڻ تي ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي محمد احسان الحق لغاري تصديق ڪئي ته سنڌ جي اعتراض باوجود تي پي لنڪ ڪينال ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. مون لکت اعتراض واريو آهي ۽ اربع تي ارسا جي ميٽنگ آهي جنهن ۾ اهو معاملو اٿاريو ويندو. ٻئي پاسي سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو پڻ ارسا کي خط لکي احتجاج ڪيو آهي. اپريل جي پهرين ڏهاڪي ۾ سنڌ 62 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ڏني وئي آهي جڏهن ته پنجاب کي 54 سيڪڙو کوٽ ملي آهي. پنجاب پنجند کان هيٺ زيرو ڪيوسڪس رليز ڪري ٿو، جنهن سبب سنڌو درياءَ ۾ ڦڙو به پاڻي نٿو اچي. تقريبن 60 ڪلوميٽر ڊگهي ٽي پي لنڪ ڪينال ذريعي پنجاب سنڌو درياءَ مان پاڻي کڻي چناب ۾ وجهندو آهي، ٽي پي لنڪ ڪينال جي ڪمانڊ ايريا 23 لک ايڪڙ کان مٿي آهي. هي ڪينال پنجاب حڪومت اپر پنجند ڪمانڊ ايريا آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو. هي ڪينال خالص زرعي مقصد لاءِ پاڻي استعمال ڪندو آهي. 12 هزار ڪيوسڪس جي گنجائش وارو ٽي پي لنڪ ڪينال 1976 ۾ ٺهيو هو. ياد رهي ته گذريل سال اڄوڪي ڏينهن تي پنجاب 41500 ڪيوسڪ پاڻي کنيو هو ۽ اڄ 41400 ڪيوسڪس کنيو آهي. سنڌ گذريل سال اڄوڪي ڏينهن تي 40 هزار ڪيوسڪس کنيا هئا ۽ اڄ 35 هزار ڪيوسڪس کنيا آهن. پاڻي جي سخت کوٽ باوجود پنجاب کوٽ شيئر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي ارسا جي ڪيل فيصلي تي عمل لاءِ تيار آهي. ياد رهي ته ارسا جو روٽيشن جي بنياد تي چيئرمين هن وقت ڪي پي ڪي، جو ميمبر صاحبزاده محمد شبير آهي. پنجاب جو ميمبر امجد سعيد ۽ بلوچستان جو ميمبر عبدالحميد مينگل آهي. جڏهن ته وفاق جو ميمبر اسجد امتياز علي آهي جيڪو پڻ پنجاب جو آهي. قانون موجب وفاق جو ميمبر سنڌ مان هجڻ لازمي آهي. ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به موجود آهي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻي جي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽرين کي توهين عدالت جا نوٽيس به جاري ڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو