اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فوجي ترجمان موجب ڏکڻ وزيرستان جي علائقي بويا جي ڳوٺ چار خيل ۾ آپريشن دوران دهشتگردن سان مقابلي ۾ 2 فوجي جوان شهيد ٿي ويا. ترجمان موجب پاڪ فوج هڪ جاءِ ۾ لڪل دهشتگردن خلاف ڇاپو هنيو ته هنن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ حوالدار شير زمان ۽ سپاهي جواد شهيد ٿي ويا. فوجي ڪاروائي ۾ ٻه دهشتگرد به مارجي ويا. فوج ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪئي.










