اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جي ميمبر جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ۾ چيو آهي ته دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، عدالت جو نه، عدالت جيڪڏهن اهو سوچڻ لڳندي ته فيصلن سان دهشتگردي گهٽ ٿيندي يا وڌندي ته فيصلا نه ڪري سگهندي، فوجي عدالت ۾ سويلين جي ٽرائل جي حوالي سان ڪيس ۾ دفاع واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث جي جواب جا دليل مڪمل نه ٿي سگهيا.رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.دفاع واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ جواب الجواب دليل جاري رکندي چيو ته ڪجهه عدالتي فيصلن تي دليل ڏيڻ چاهيان ٿو، اڳوڻي جج سعيد الزمان صديقي سميت ٻين جا ڪجهه فيصلا آهن، جيڪڏهن ڪو سويلين ڪنهن فوجي ٺڪاڻي کي نقصان پهچائي، ٽينڪ چوري ڪري ته انهي تي آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو.جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ڪهڙي ڏوهاري عمل تي ايف آءِ آر ڪٽجندي آهي، سوال ٽرائل جو آهي، خواجه حارث چيو ته قانون ٺاهيندڙن کي طئي ڪرڻو آهي ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو.جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ايف آءِ آر ڪيتريون آهن، جاچ ڪير ڪندو آهي، طريقيڪار ڪهڙو هوندو، اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا، خواجه حارث چيو ته آرمي ايڪٽ جي تحت آرمڊ فورسز پاڻ به سويلن جي گرفتاري ڪري سگهي ٿي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ۾ چيو ته گرفتاري کان اڳ ايف آءِ آر جو ٿيڻ ضروري آهي، جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته جڏهن ڪنهن کي گرفتار ڪندو ته لاڳاپيل مئجسٽريٽ وٽ پيش ڪرڻو هوندو آهي.جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته آرمي ايڪٽ جي شق ٽو ڊي جي تحت جوابدار تڏهن بڻجندو آهي جڏهن فرد جرم لاڳو ٿئي، خواجه حارث موقف ۾ چيو پاڪستان جو آئين بذات خود ڪورٽ مارشل جي لاءِ منفرد اختيار ٻڌڻي لاءِ ڏنو آهي.جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اوهان موجب فوجي عدالت آرٽيڪل 175 جي زمري ۾ نٿو اچي، فوجي عدالتون آئين جي ڪهڙي شق جي تحت آهن اهو به ٻڌايو.خواجه حارث چيو ته ڪورٽ مارشل جي حوالي سان ڪيترائي عدالتي فيصلا موجود آهن، جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته عدالتن کي صرف اهو ڏسڻو هوندو آهي ته ٽرائل آئين موجب آهي يا نه، دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، عدالت جو نه، عدالت اهو سوچڻ لڳي وئي ته فيصلي سان دهشتگردي گهٽ ٿيندي يا وڌندي ته فيصلا نه ڪري سگهندي.عدالت فوجي عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، دفاع واري وزارت جو وڪيل خواجه حارث سڀاڻي به جواب الجواب جاري رکندو.










