خان، گنڊا پور کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو

خان، گنڊا پور کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ، علي امين گنڊاپور ۽ مشير اطلاعات بيرسٽر سيف جي عمران خان سان اڊياله جيل ۾ ڊگهي ملاقات، اندروني ڳالهيون سامهون اچي ويون. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اِها اڍائي ڪلاڪ ڊگهي ملاقات اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين تي مرڪوز هئي، ۽ علي امين گنڊاپور ۽ بيرسٽر سيف باني پي ٽي آءِ کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ذريعن موجب، باني پي ٽي آءِ علي امين گنڊاپور جي پيشڪش تي نيم رضامندي ظاهر ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور صوبي جي معاملن تي به عمران خان کي بريف ڪيو، جڏهن ته ملاقات دوران سوشل ميڊيا تي قيادت تي جاري تنقيد ۽ ادارن سان ٽڪراءُ واري پاليسي تي نظرثاني تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. عمران خان سان جيل ۾ علي امين ۽ بيرسٽر سيف جي ملاقات، سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي ۽ هدايتون ورتيون. ذريعن موجب، باني پي ٽي آءِ علي امين ۽ بيرسٽر سيف کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، ۽ ڳالهين ۾ ڪنهن به اڳڀرائي تائين ان کي خفيه رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ علي امين گنڊاپور ٻيهر عمران خان سان ملاقات ڪندو. ياد رهي ته اڄ اڊياله جيل ۾ عمران خان سان خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور ۽ مشير اطلاعات بيرسٽر سيف ملاقات ڪئي، جنهن کان اڳ علي امين گنڊاپور کي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جو موقعو ڏيڍ مهيني کانپوءِ مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو