بدنام ڌاڙيل علي حسن جاگيراڻي مارجي ويو، سندس پٽ زخمي

بدنام ڌاڙيل علي حسن جاگيراڻي مارجي ويو، سندس پٽ زخمي

گھوٽڪي(ن س) آدم جو ٻنڊو واري ڪچي ۾ لولائي ۽ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ دوران انعام يافتا ڌاڙيل علي حسن جاگيراڻي مارجي ويو آھي سندس پٽ ايوب جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيو. مارجي ويل ڌاڙيل تي ڪجھه مھينا اڳ لولائي برادري جي نوجوان شبيرلولائي کي ٽريڪٽر ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي قتل ڪرڻ جو الزام ھيو. علي حسن چاگيراڻي مٿان پنج لک انعام رکيل ھو ڌاڙيلن جي فائرنگ دوران لولائي برادري جو نوجوان پيربخش لولائي عرف پيرو به مارجي ويو .مارجي ويل ڌاڙيل علي حسن جاگيراڻي جو لاش ڪنڌڪوٽ ڪشمور پوليس حاصل ڪري ورتو آهي۽ڪنڌڪوٽ سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو. ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس اھا دعوا ڪئي آھي ته ڌاڙيل علي حسن کي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي. علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، جاگيراڻي ۽ لولائي ڌرين جا هٿياربند مورچا سنڀالي ويٺا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو