گيلاني ٽڊاپ جي 3 ڪرپشن ڪيسن مان باعزت بري ٿي ويو

گيلاني ٽڊاپ جي 3 ڪرپشن ڪيسن مان باعزت بري ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي يعني ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس ۾ چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني کي 3 ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني پنهنجي وڪيل فاروق نائڪ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. گيلاني تي الزام آهي ته هن وزيراعظم هجڻ دوران من پسند ماڻهن کي فريٽ چارجز ۾ فائدو ڏنو جنهن سان قومي خزاني کي 6 ارب روپين جو نقصان ٿيو. هي ڪيس مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سندس خلاف ٺاهيا هئا. ٻڌڻي دوران جج يوسف رضا گيلاني کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان خلاف 3 ڪيسن جي فتوا آهي، جنهن تي يوسف رضا گيلاني چيو ته ها مونکي خبر آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪهڙي جيل وڃڻ چاهيو ٿا، ڪراچي، ملتان يا اسلام آباد، جنهن تي يوسف رضا گيلاني چيو ته مان جيل کان نٿو ڊڄان، جيل اسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، توهان چاهيو ته مون کي ڦاهي ڏيو، سينيٽ چيئرمين جي جواب تي اينٽي ڪرپشن عدالت جو جج مسڪرائيندو رهيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان کي گهر جو جيل ڇو پسند ناهي؟ جنهن تي يوسف رضا گيلاني چيو ته منهنجي جنم ڀومي ملتان آهي، خاندان لاهور ۾ آهي ۽ سينيٽ آفيس اسلام آباد آهي. جج چيو ته پوءِ توهان ٻڌايو، عدالت ڪراچي ۾ آهي، يوسف رضا گيلاني چيو ته پوءِ چيو ويندو ته سنڌ ۾ سندس پارٽي جي حڪومت آهي. عدالت چيو ته گيلاني صاحب توهان تي ڪو به الزام ثابت نه ٿيو آهي، توهان بيگناهه آهيو، توهان جي خلاف شاهديون ڏيڻ وارا هاڻي پاڻ ملزم بڻجي ويا آهن. عدالت 3 ڪيسن جي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد يوسف گيلاني سميت 40 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو