راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير خميس ڏينهن چيو آهي ته بنون ڪينٽ تي دهشتگرد حملي جي رٿابندي ڪندڙن ۽ سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ’چاهي هو جتي به هجن‘. بنون ڪينٽ تي اڱاري ڏينهن خارجي دهشتگردن حملو ڪيو هو جن کي هدايتون افغانستان مان ملي رهيون هيون.آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته آرمي چيف بنون جو دورو ڪيو، زخمين جي عيادت ڪئي، شهيد ٿيل سويلين جي پوئنرن سان عذر خواهي ڪئي ۽ حملو ناڪام بڻائيندڙ جوانن جي بهادري جي تعريف ڪئي. بيان موجب حملو ڪندڙ 16 دهشتگردن جن ۾ 4 خودڪش بمبار به شامل هئا، تن کي سيڪورٽي فورسز مقابلي ۾ ماري ڇڏيو هو. جڏهن ته پاڪ فوج جا 5 جوان به شهيد ٿيا هئا. دهشتگردن جي گروهه پاران بارود سان ڀريل ٻه گاڏيون ڪينٽونمينٽ جي گيٽ سان ٽڪريون هيون جيئن هو اندر داخل ٿي سگهن. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن گهرن دوڪانن ۽ مسجد کي نقصان پهتو هو. حادثي ۾ ڪجهه گهرن جون ڇتيون ڪري پيون هيون جنهن سبب ٻرن ۽ عورتن سميت 13 سويلنز فوت ٿي ويا هئا. آرمي چيف چيو تههن بزدلاڻي ڪاروائي ۾ جيڪي به ملوث آهن، چاهي هو جتي به هجن کين جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين.دوري دوران آرمي چيف جوانن کي خطاب به ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. هن چيو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي دهشتگردن کي افغانستان ۾ پناهه ملي ٿي. اسان افغان عبوري حڪومت کان توقع ڪريون ٿا ته هو پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪيندا. ٻئي پاسي ڪي پي جو پبلڪ هيلٿ جو وزير، چيف سيڪريٽري۽ آءِ جي پوليس به بنون جو دورو ڪري ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته سروي ڪري نقصان جو ڪاثو لڳايو جيئن صوبئي حڪومت متاثرين کي معاوضو ڏنو وڃي.










