ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پريونشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) ۾ ترميم خلاف صحافي تنظيمن جي درخواست تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ پيڪا ترميمي ايڪٽ خلاف صحافي تنظيمن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت مدعي کي 19 مارچ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. صحافين ايڊووڪيٽ منير اي ملڪ معرفت درخواست داخل ڪئي آهي. پيڪا ترميمي آرڊيننس 2025، 22 جنوري تي اسمبلي مان منظور ڪرايو ويو هو ۽ صدر ان تي 29 جنوري تي صحيح ڪئي هئي. هن قانون هيٺ ڪوڙي خبر جي غير مبهم تشريح ٿيل آهي ۽ سوشل ميڊيا، ايپس، لائيواسٽريمنگ ۽ ويب سائيٽس کي مانيٽر ڪندي. حڪومت ڪنهن به اسٽيڪ هولڊر سان مشاورت بنا مخالفن کي سبق سيکارڻ لاءِ هي قانون ٺاهيو هو.










