رويندرا جي سينچري، بنگلاديش کي 5 وڪيٽن تان شڪست،پاڪستان ٻاهر

رويندرا جي سينچري، بنگلاديش کي 5 وڪيٽن تان شڪست،پاڪستان ٻاهر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ بنگلاديش کي 5 وڪيٽن تان شڪت ڏئي سيمي فائنل م پهچي وئي آهي.نيوزيلينڊ جي پاڪستان جي ميچ ۾ مٿي ۾ بال لڳڻ سبب زخمي ٿيل ريچن رويندرا 112 ۽ توم ليٿم ،55. ڊيون ڪانوي 30 رنسون ٺاهيون ۽ گلين فلپس 21 تي ناٽ آئوٽ رهيو، ان کن اڳ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، بنگلاديش 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 236 رنز ٺاهي سگهيو. نجم الحسن شانتو 77 رنز، ذاڪر علي 45، رشاد حسين 26 ۽ اوپنر تنزيد حسن 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. هن گروپ مان ڀارت ۽ نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ پهچي ويا آهن، پاڪستان ۽ بنگلاديش ٻه ٻه ميچ هارائي اڳئين مرحلي مان آئوٽ ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو