ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ تڪراري پيڪا ايڪٽ جي خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تڪراري پيڪا ايڪٽ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس شفيع صديقي چيو ته 2 هفتن ۾ پيڪا ايڪٽ بابت نڪتن جو جواب جمع ڪرائينداسين.جسٽس شفيع صديقي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته پيڪا قانون ۾ ڪهڙي برائي نظر آئي آهي؟ جيڪڏهن ڪو غلط خبر هلائي ٿو ته ڇا انهي کي سزا نه ملڻ گهرجي؟ عدالت ريمارڪس ڏنا ته سمورا فيصلا عدالتن ۾ ناهن ٿيندا، ڪجهه فيصلا اٿارٽيز کي به ڪرڻا هوندا آهن. اوهان کي اٿارٽيز جي فيصلن خلاف اپيل جو به حق آهي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته جيڪڏهن اهو بنيادي حقن جو معاملو آهي ته انهي جي ٻڌڻي آئيني بينچ ۾ ٿيڻ گهرجي، اسان نوٽيس جاري ڪريون ٿا، اميد آهي ته وڪيل تياري سان گڏ پيش ٿيندا. جنهن کان پوءِ عدالت تڪراري پيڪا ايڪٽ جي خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.










