اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذر عباس خلاف توهين عدالت جو نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو آهي.جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذر عباس خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.جسٽس منصور علي شاهه ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل ڄاڻي ڪري عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي نه ڪئي، تنهن ڪري ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل خلاف توهين عدالت جو نوٽيس واپس ورتو وڃي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ججز ڪميٽي ۽ آئيني ڪميٽي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي. عدالت ڪميٽين جي صوابديد تي فل ڪورٽ ٺاهڻ لاءِ فائل چيف جسٽس ڏانهن موڪلي.سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان کي هن معاملي تي هڪ فل ڪورٽ ٺاهي. پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۽ ججز جي آئيني ڪميٽي عدالتي حڪم کي نظرانداز ڪيو. جسٽس منصور علي شاهه فيصلي ۾ لکيو ته عدالتي وقار کي نظر ۾ رکندي ڪميٽين کي توهين عدالت جا نوٽيس نه ڏنا پيا وڃن، هي هڪ اهم معاملو آهي، چيف جسٽس کي ان کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ لاءِ فل ڪورٽ ٺاهڻ گهرجي. ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ حڪم جسٽس منصور علي شاهه لکيو هو. اهو حڪم 20 صفحن تي مشتمل آهي. سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذر عباس خلاف شوڪاز نوٽيس جي ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي آهي.










