اسلام آباد (بيورو رپورٽ)توشه خانه ڪيس 2 ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت جي درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ تحريري حڪم جاري ڪيو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انعام امين منهاس 2 صفحن تي ٻڌل تحريري حڪم جاري ڪيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي پري ايڊميشن نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.ان کان علاوه، ٽرائل کي روڪڻ لاءِ حڪم امتناع جي درخواست تي ايف آءِ اي کي نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو آهي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته درخواست ڏيندڙ جو موقف آهي ته سندس خلاف ڪو به ڪيس نه ٿو ٺهي ۽ کيس بري ڪيو وڃي.تحريري حڪم موجب پي ٽي آءِ باني جي وڪيل جو چوڻ آهي ته 5 معافي وٺندڙ شاهدن خلاف استغاثه جو ڪيس قائم نه ٿيو آهي، عدالت اهو به چيو ته وڪيل جي مطابق، ٽرائل ڪورٽ تڪڙ ۾ ٽرائل کي اڳتي وڌائي رهي آهي، جيڪو درخواست ڏيندڙ جي بنيادي حقن کي متاثر ڪري سگهي ٿو.










