سميتا افضال سيد جو جناح اسپتال سائبر نائف ڊپارٽمينٽ جو دورو

سميتا افضال سيد جو جناح اسپتال سائبر نائف ڊپارٽمينٽ جو دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ حڪومت جي ترجمانن سميتا افضال سيد ۽ گهنور اسراڻ چيو آهي ته سائبر نائيف شعبي جي ذريعي دماغي ڪينسر کان علاوه پروسٽيٽ ڪينسر جو 100 سيڪڙو علاج ٿي رهيو آهي ۽ اسپتال لاءِ 570 نوان ڊاڪٽر پڻ ڀرتي ڪرڻ سميت ست ماڙ ميڊيڪل ٽاور تعمير جو منصوبو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار انهن اربع ڏينهن جناح اسپتال جي سائبر نائف ڊپارٽمينٽ جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي سائبر نائيف شعبي جو سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر طارق محمود پڻ موجود هو. سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ پپيلز پارٽي جي ايم پي اي سميتا افضال سيد کي سائبر نائف ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ڊاڪٽر طارق محمود سائبر نائف ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سنڌ حڪومت جي ترجمان سميتا افضل سيد مريضن سان ملاقات دوران سائبر نائيف شعبي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڪينسر جو علاج مفت فراهم ڪيو پيو وڃي. جناح اسپتال جي سائبر نائف سينٽر ۾ 45 سيڪڙو مريض پوري صوبي مان ايندا آهن جڏهن ته ٻين صوبن ۽ ان کان علاوه 14 کان وڌيڪ ٻاهرن ملڪن جا مريض پڻ ڪينسر جي علاج لاءِ ايندا آهن. هن چيو ته سائبر نائيف کان علاوه هتي پيٽ، اسڪن ۽ ٽوموٿراپي جي سهولت پڻ موجود آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان گهنور اسراڻ چيو ته هي منصوبو پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نظريي تحت لاڳو ڪيو ويو آهي. صحت سميت ٻين شعبن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جي ترجمانن چيو ته اڄ اسان سائبر نائف شعبي جي دوري دوران ڏکڻ آفريڪا جي هڪ مريض سان پڻ ملياسين. پروفيسر ڊاڪٽر طارق محمود ميڊيا کي ٻڌايو ته سائبر نائيف شعبي ۾ دماغي ڪينسر ۽ پروسٽيٽ ڪينسر جو 100 سيڪڙو علاج جي صلاحيت آهي جڏهن ته هتي وات جي ڪينسر جا 35 سيڪڙو ڪيس رجسٽرڊ آهن. هن چيو ته اسپتال ۾ هن وقت 1498 ملازم آهن جناح اسپتال ۾ 100 ايف سي پي ايس ڊاڪٽر آهن جڏهن ته وڌيڪ 570 ڊاڪٽر شامل ڪيا ويندا ۽ 500 کان وڌيڪ بسترا شامل ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو