اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بئنچن جي اختيارن بابت ڪيس ۾ منير اي ملڪ ۽ حامد خان کي عدالتي مددگار مقرر ڪيو ويو آهي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڇا جوڊيشل آرڊر باوجود ججز ڪميٽي ڪيس منتقل ڪري سگهي ٿي؟ عدالتي حڪم باوجود ڪيس مقرر ڇو نه ڪيو ويو؟ جيڪڏهن غلطي آهي ته عرصي کان هلي رهي هئي، هاڻي ازالو ڇو ڪيو ويو؟، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جتي محسوس ٿي ته فيصلو حڪومت خلاف ٿي سگهي ٿو ۽ ڪميٽي ڪيس ئي بئنچ کان واپس وٺي ڇڏي؟ ڪميٽي جي عدالتي بئنچ مان ڪيس واپس وٺڻ سان ته عدليه جي آزادي ئي ختم ٿي ويندي. جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿي ته عدالت رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم باوجود ڪيس مقرر ڇو نه ڪيو ويو؟ رجسٽرار جواب ڏنو ته ڪيس آئيني بئنچ جو هو، غلطي سان ريگولر بئنچ ۾ لڳي ويو. جسٽس عقيل عباسي رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اها غلطي آهي ته هڪ عرصي کان جاري هئي، هاڻي ازالو ڪيئن ڪيو ويو؟ معذرت سان غلطي رڳو بئنچ ۾ کيس شامل ڪرڻ هئي، هو ڪيس هائيڪورٽ ۾ ٻڌي چڪو آهي، خبر ناهي کيس بئنچ شامل ڪرڻ غلطي هئي يا ڪجهه ٻيو هو. جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جو معاملي تي اجلاس ٿيو يا توهان ڪا درخواست ڪئي؟سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جواب ڏنو ته هنن ڪميٽي کي نوٽ لکيو هو، جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيو ته جڏهن جوڊيشل آرڊر موجود هو ته نوٽ ڇو لکيو ويو؟ سندن آرڊر واضح هو ته ڪيس ڪهڙي بئنچ ۾ لڳڻو آهي، کين نوٽ ڏيکاريو وڃي جيڪو ڪميٽي ۾ موڪليو ويو؟سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ڪميٽي کي موڪليل نوٽ پيش ڪري ڇڏيو جنهن ۾ رجسٽرار آفيس جي نوٽ ۽ رجسٽرار جي موقف ۾ تضاد نڪتو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته نوٽ ۾ غلطيءَ جو ازالو ته نه ڪيو ويو؟ ان معاملي ۾ توهان لکي رهيا آهيو ته 16 جنوري تي هڪ آرڊر جاري ٿيو، توهان آرڊر جي بنياد تي نئين بئنچ ٺاهڻ جو چئي رهيا آهيو، آرڊر ۾ ته هنن ٻڌايو هو ته ڪيس ڪهڙي بئنچ ۾ لڳڻو آهي. رجسٽرار جواب ڏيندي چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ڪيس آئيني بئنچ ۾ منتقل ڪيو، آئيني بئنچز جي ڪميٽي آئيني ترميم بابت ڪيس 27 جنوري تي مقرر ڪيو، ترميم کانپوءِ جائزو ورتو هو ته ڪهڙا ڪيس بئنچ ۾ مقرر ٿي سگهن ٿا ۽ ڪهڙا نه؟جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته هي ڪيس شايد توهان جي غلطي سان رهجي ويو پر بئنچ ۾ اچي ويو ته ڪميٽي جو ڪم ختم ٿي ويو، ڪميٽي هلندڙ ڪيس واپس وٺي ته عدليه جي آزادي ته ختم ٿي وئي،










