ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بلديات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سوشل ميڊيا، ڪجهه نجي چينلز ۽ هڪ اخبار شاهراهه ڀٽو بابت اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ان جو پهريون مرحلو مڪمل ناهي ٿيو. اهو سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي. ايئرپورٽ کان شاهه فيصل ڪالوني ذريعي شاهراهه ڀٽو کان قيوم آباد ۽ ڪورنگي کان شاهراهه ڀٽو تائين اچڻ ۽ وڃڻ وارا سڀ داخلي ۽ خارجي رستا مڪمل طور تي کليل آهن. هڪ بند رستي کي بنياد بڻائي جيڪا تنقيد ڪئي پئي وڃي، اها دراصل اهو پوائنٽ آهي جيڪو قائدآباد ۽ ايم نائين کي ڳنڍڻ وارو آهي، جتي اڃا ڪم جاري آهي ۽ اهو ٻيو ۽ ٽيون مرحلو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ظاهر ڪيا. سعيد غني چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي (شاهراهه ڀٽو) ڪراچي جي عوام لاءِ هڪ بهترين منصوبو آهي. هن ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ ان جي پهرين مرحلي جو افتتاح ڪيو ويو، جيڪو قيوم آباد کان شاهه فيصل ۽ ايئرپورٽ تائين سفر کي آسان بڻائيندو. جڏهن ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ مارچ تائين شاهراهه ڀٽو کي قائدآباد سان ڳنڍيو ويندو ۽ انهي سال جي آخر ۾ ان کي ڪاٺوڙ وٽ ايم نائين سان شامل ڪيو ويندو. سعيد غني چيو ته افسوس سان سوشل ميڊيا ۽ هڪ چينل ۽ اخبار تي خبر هلي ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهو منصوبو مڪمل ناهي. هن چيو ته مون اڄ ٻيهر ان سڄي شاهراھ جو پاڻ معائنو ڪيو آهي ۽ شاهراھ فيصل کان شاهه فيصل ٽائون، شاهراهه ڀٽو کان قيوم آباد ۽ ڪورنگي کان شاهراهه ڀٽو تائين اچڻ لاءِ ڪو به رستو بند ناهي. هن چيو ته جيڪو هڪ رستو سوشل ميڊيا تي ڏيکاريو پيو وڃي، اهو قائدآباد ۽ اتي کان ايم نائين ڏانهن وڃڻ وارو رستو آهي، جيڪو هن وقت تعمير هيٺ آهي. ان کي بند ڪرڻ جو مقصد آهي ته جيڪڏهن ان کي کوليو ويو ته گاڏي قيوم آباد ڏانهن نٿي وڃي سگهي. سعيد غني چيو ته جيڪو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڏيکاريو پيو وڃي ته جنهن شاھراھ جو افتتاح ڪيو ويو، اتي اڃا ڪم جاري آهي، اهو غلط آهي. هن ٻڌايو ته مون پاڻ معائنو ڪيو ۽ رستي جي ڪناري لڳايل ريلنگ جا ڪجهه نٽس ۽ بولٽس ٺيڪ نه هئا، جن کي درست ڪيو ويو. باقي ڪا به تعمير ان مرحلي ۾ نه ٿي رهي آهي. سعيد غني چيو ته ان شاهراهه تي رستن جي نشاندهي انٽرنيشنل ۽ موٽر وي طرز تي ڪئي وئي آهي. پهريون ڀيرو سفر ڪندڙن کي سمجهه ۾ نٿو اچي، جنهن تي مون پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي واضح بورڊ لڳائڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. سعيد غني ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪندڙن کي تنقيد کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو ته ڪوڙي معلومات سان عوام کي پريشان نه ڪيو وڃي. هن موٽر سائيڪلن تي سفر کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اها تيز رفتار شاهراهه آهي ۽ حادثن کان بچڻ لاءِ احتياط ضروري آهي. جتي ننڍين گاڏين جي اسپيڊ جي حد 100 ۽ وڏين گاڏين جي 90 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر آهي. هن شاهراهه تي موٽر سائيڪل تي سفر ڪنهن حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. سعيد غني چيو ته اسان ٿا چاهيون ته خدا نه ڪري، اسان جا شهرين ڪنهن قسم جي حادثن جو شڪار نه ٿين، تنهنڪري موٽر سائيڪل سوار هن تي سفر کان پاسو ڪن. هن اهو به چيو ته اهو به چيو پيو وڃي ته اِن شاهراهه تي ڪو به چيڪنگ ڪندڙ موجود ناهي، پر مان پهريان به ٻڌايو آهي ۽ وري به ٻڌايان ٿو ته هتي پاڻمرادو ڪم ڪندڙ ڪيمرا لڳايا پيا وڃن، جيڪي اوور اسپيڊ ۽ ٻين خلاف ورزين جي مرتڪب گاڏين کي ٽول تي پهچڻ سان ئي چالان ڏيندا. سعيد غني چيو ته اسان هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ان سسٽم کي مڪمل طور تي آن نه ٿا ڪريون ته جيئن ماڻهو ان سان واقف ٿي وڃن، نه ته ميڊيا وارا ان تي واويلا ڪندا. هن چيو ته اسين موٽر سائيڪلن ۽ رڪشا خلاف سختي ڪنداسين، جنهن جو مقصد انهن جون زندگيون بچائڻ هوندو ۽ ٻي ڪا غرض نه هوندي. سعيد غني چيو ته شاهراهه ڀٽو تي 1122 جون ايمبولينسون، پوليس موبائلز ۽ خانگي سيڪيورٽي پڻ مقرر ڪئي پئي وڃي. هن وضاحت ڪئي ته ڇو ته هن شاهراهه تي وڌيڪ مرحلن ۾ ڪم جاري آهي، تنهن ڪري توهان کي ڪم ڪندڙ گاڏيون نظر اينديون، جيڪي ڪم ڊسمبر تائين جاري رهندو هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته شاهراهه ڀٽو هڪ بهترين منصوبو آهي ۽ ان بابت مثبت رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان شهر جون ڪجهه سياسي پارٽيون اسان تي تنقيد ڪري رهيون آهن. اسان جائز تنقيد ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون، پر صرف بغض ۽ پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ان منصوبي تي تنقيد ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ صحيح ناهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته شهر ۾ گهڻو ڪري حادثا ٽرڪن ۽ ڊمپرز جي ڪري ٿين ٿا ۽ گهڻو ڪري موٽر سائيڪل سوار انهن جا شڪار ٿين ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ جڏهن موٽر سائيڪل سوارن لاءِ هيليمٽ جو استعمال لازمي قرار ڏنو ويو، ته ڪجهه سياسي پارٽين ان تي واويلا ڪئي ۽ ان کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حقيقت ۾ هيليمٽ جي استعمال سان موٽر سائيڪل سوارن جون حياتيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته ٽرئفڪ قانونن تي عمل ڪرڻ سان حادثن کان بچي سگهجي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ ڪنٽينر ۽ لوڊنگ گاڏيون رات 11 وڳي کان پوءِ هلائڻ جي اجازت آهي، جڏهن ته واٽر ٽينڪرز ۽ ڪجهه منصوبي لاءِ سامان پهچائيندڙ گاڏيون ڏينهن ۾ هلي سگهن ٿيون ۽ ان سلسلي ۾ سختي ڪئي پئي وڃي.










