سول انجنيئر جو قتل، قاتل مقتول جي گهرواري جو سئوٽ نڪتو

سول انجنيئر جو قتل، قاتل مقتول جي گهرواري جو سئوٽ نڪتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گلستان جوهر ۾ قتل ٿيل سول انجنيئر راهول ڪمار جو قاتل سي سي ٽي وي جي مدد سان گرفتار ٿي ويو،پوليس موجب 3 ڊسمبر تي گلستان جوهر موري ڀرسان فليٽ ۾ قتل ٿيل سول انجنيئر راهول ڪمار جي قتل جو ڪيس حل ٿي ويو آهي، جوابدار شنڪر شرما به راهول جي گهرواري جو ڪزن آهي،قتل ۾ قاتل سان گڏ ٻيا ڪير هئا، جوابدارن مقتول کي ڇو قتل ڪيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،پوليس موجب قاتل حجاب بدلائي گهر ۾ داخل ٿيو هو، پر فليٽ جي عمارت ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي وڊيو ذريعي جوابدار کي داخل ٿيندي ڏٺو ويو، جنهن بعد سي سي ٽي وي جي مدد سان جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي وئي،پوليس موجب مقتول جي گهرڀاتين کي به شڪ هو ته جوابدار شنڪر شرما مقتول راهول جو گلا وڍي قتل ڪيو، جڏهن ته مقتول جي گهرواري دير سان پوليس کي اطلاع ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو