ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ 5 ورهين جو ٻار کليل گٽر ۾ ڪِري فوت ٿي ويو. افسوسناڪ واقعو شاهه فيصل ڪالوني نمبر ٻه ۾ شادي هال ڀرسان پيش آيو، گٽر ۾ ڪرندڙ ٻار جي سڃاڻپ 5 ورهين جي حذيفه جي نالي سان ٿي. واقعي کانپوءِ ايڌي رضاڪارن ٻار جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو ۽ ٻن ڪلاڪن جي سخت جدوجهد کانپوءِ ٻار جو لاش ڪڍيو ويو.










