ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته وفاقي حڪومت مسلسل اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي جن کي اعتماد ۾ نه ورتو پيو وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ميري ٽائيم اينڊ سيپورٽ اٿارٽي جي قيام تي اعتماد ۾ نه ورتو ويو.اٿارٽي قائم ڪرڻ واري فيصلي بابت سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ٻنهي کي اوندهه ۾ رکيو ويو.شازيه مري چيو ته بار بار اهو چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت کي پيپلز پارٽي جي حمايت حاصل آهي.جنهن ڏينهن هي حمايت ختم ٿي ويندي وفاقي حڪومت به ختم ٿي ويندي، شايد مسلم ليگ ن کي ان ڳالهه جو احساس ناهي.هن چيو ته هو ڪافي عرصي کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته قومي مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو وڃي، 11 مهينا گذري ويا آهن پر اڃا تائين گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه سڏايو ويو آهي.شازيه مري چيو ته آئين جي مسلسل ۽ کليل ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، وزيراعظم 3 مهينن ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو آئيني پابند آهي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته ميري ٽائم اينڊ سيپورٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ راءِ ۽ معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آندو وڃي، ڇا اتحادين ۽ صوبن کي اندر ۾ آڻڻ کانسواءِ اهم قومي معاملن تي آئين کي سبوتاز ڪرڻ عقلمندي آهي ؟ شازيه مري جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جو رويو سمجھ کان ٻاهر آهي، ان سان خليج وسيع ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته ٽاسڪ فورس جون تجويزون سامونڊي شعبي، بحري معاملن ۽ ڪي پي ٽي جي تجويزن تي اتحادين ۽ صوبن جي راءِ کان اڳ ورتيون وڃن.










