نئين سال جي چوٿين ڏينهن ڦر مزاحمت تي 1 شهري قتل

نئين سال جي چوٿين ڏينهن ڦر مزاحمت تي 1 شهري قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هڪ ٻيو شهري مارجي ويو.ڪورنگي زمان ٽائون ۾ ڦر دوران مزاحمت تي زخمي ٿيل هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.پوليس موجب هلندڙ سال ڦر جي مزاحمت سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 2 ٿي ويو آهي.جناح اسپتال ۾ مقتول ساحل مسيح جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.ان حوالي سان سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ضلعي ڪورنگي کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته نوجوان ساحل جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جوابدار قانون جي گرفت مان بچي نه سگهندا، کين عبرتناڪ سزا ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو