پي آءِ اي جي جهاز ۾ فني خرابي، ڪراچي واپس لينڊنگ

پي آءِ اي جي جهاز ۾ فني خرابي، ڪراچي واپس لينڊنگ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پي آءِ اي جي اڏام ڪراچي کان گوادر رواني ٿيڻ بعد جهاز ۾ فني خرابي پيدا ٿي وئي، جنهن بعد جهاز کي ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل لينڊنگ ڪرايو ويو.پي آءِ اي جي ترجمان موجب اڏام پي ڪي 503 صبح 8 لڳي 13 منٽن تي ڪراچي کان گوادر لاءِ رواني ٿي ته جهاز جي انجڻ ۾ فني خرابي پيدا ٿي.پائلٽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر کي جهاز ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو ۽ 43 منٽن کانپوءِ واپس ڪراچي لينڊ ڪيو.ترجمان موجب ڪراچي ايئرپورٽ تي اي ٽي آر 42 جهاز جو معائنو ڪيو پيو وڃي، انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ کان ڪليئرنس ملندي ئي جهاز کي واپس گوادر موڪليو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو