اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته سي پيڪ پراجيڪيٽ فليگ شپ منصوبو آهي. اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو تجويز آهي ته نئون جڊيشل سلڪ روٽ هجڻ گهرجي، جڊيشل سلڪ روٽ ۾ ملڪن کي جوڙيو وڃي. هن چيو ته تڪرارن جو متبادل ٽياڪڙي نظام هجڻ گهرجي، متبادل ٽياڪڙي نظام لاءِ قانون سازي به گهربل آهي.










