ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پارا چنار واقعي خلاف مجلس وحدت مسلمين ڪراچي جي ٻين علائقن ۾ به احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي.احتجاج سبب روڊ رستا ٽريفڪ لاءِ بند ٿي ويا، شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.ڪراچي ۾ 10 کان وڌيڪ هنڌن تي مذهبي جماعتن جو ڌرڻو جاري آهي، جنهن سبب ٽريفڪ معطل آهي.گلستان جوهر ڪامران چورنگي تي ڌرڻو جاري آهي، جنهن سبب ٽريفڪ کي يونيورسٽي روڊ ڏانهن موڙيو پيو وڃي.سرجاني ٽائون ۾ شمس الدين عظيمي روڊ، نواب صادق خان روڊ ناظم آباد نمبر 1 تي پڻ ڌرڻو جاري آهي.ٽريفڪ پوليس موجب ناظم آباد نمبر 2 ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي لسبيلا کان ڊيويٽ ڪيو پيو وڃي.ان کان علاوه پاڪستان هاءِ وي تي انچولي ۾ به ڌرڻو جاري آهي.ان کان علاوه شريعت فيصل اسٽار گيٽ وٽ به مذهبي جماعتن جو احتجاج جاري آهي، جنهن سبب ڪارساز کان ڊرگ روڊ تائين ٻنهي روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ آهي.مين نيشنل هاءِ وي ٽائون جي سامهون پڻ ڌرڻو جاري آهي، ٺٽي کان ايندڙ ۽ ويندڙ ٽريفڪ کي لنڪ روڊ ذريعي پورٽ قاسم ڏانهن موڙيو پيو وڃي.ٻئي طرف ايم اي جناح روڊ نمائش چورنگي، ابوالحسن اصفهاني روڊ تي سفاري پارڪ ڀرسان عباس ٽائون ۽ يونيورسٽي روڊ، نارٿ ناظم آباد ۾ فائيو اسٽار چورنگي تي به ڌرڻو جاري آهي.نيشنل هاءِ وي ملير 15 پل وٽ به مذهبي جماعتن جو ڌرڻو جاري آهي، ٽريفڪ کي ملير هالٽ کان ماڊل ڪالوني ۽ منزل پمپ کان يونس چورنگي ڏانهن موڙيو پيو وڃي.










