ڪراچي ۾ پراسرار فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي ۾ پراسرار فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي جيٽ لائن ڀنگيپارا ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو،پوليس کي ڏنل بيان ۾ مقتول جي پيءُ چيو ته مقتول جگديش گهر جو دروازو کولي اندر داخل ٿيو ۽ هيٺ ڪري پيو، پوليس موجب اهو راز آهي ته مقتول کي گوليون ڪيئن لڳيون. جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه ماڻهن جي چوڻ موجب گوليون لڳل هيون،پوليس پراسرار قتل واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ قتل جا اصل سبب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو