ڳڙهي خدابخش (ن س)اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم، اوڀر جي ڌيءَ بينظير ڀٽو جي 17هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي.بينظير ڀٽو، جيڪا ٻه ڀيرا پاڪستان جي وزير اعظم رهي، جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف جي آمريتن جو پنهنجي سياسي مخالفن سان مقابلو ڪيو.جڏهن بينظير ڀٽو 2007ع ۾ جلاوطني ختم ڪري پاڪستان پهتي ته 18 آڪٽوبر تي استقباليه جلوس ۾ ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا.ان کان پوءِ 27 ڊسمبر 2007ع تي عوام جي محبوب قائد محترمه بينظير ڀٽو راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسي کان واپسي دوران هڪ موتمار حملي ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي.شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسي جي موقعي تي لاڙڪاڻي ۾ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري نوديرو پهچي ويا آهن.آصف علي زرداري ڳڙهي خدا بخش ۾ مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي.ٻئي طرف بي بي شهيد جي ورسي تقريب جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.










