انٽرنيٽ نوجوانن جو حق آهي، بابا۽ پوڙها سياستدانن  نه ٿا سمجهن

انٽرنيٽ نوجوانن جو حق آهي، بابا۽ پوڙها سياستدانن نه ٿا سمجهن

سکر: (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هاءِ سپيڊ انٽرنيٽ نوجوانن جو حق آهي، هاڻ موٽر ويز انفراسٽرڪچر نه رهيو آهي، هاڻ براڊ بينڊ انٽرنيٽ انفراسٽرڪچر آهي، هاڻ نوجوانن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي.آءِ بي اي(انسٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن) سکر ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪامياب ٿي ڊگري حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. فخر سان چئي رهيو آهيان ته شهيد بينظير ڀٽو سکر آءِ بي اي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. بلاول ڀٽو چيو ته آءِ بي اي سکر قومي ۽ عالمي سطح تي هڪ تعليمي ادارو بڻجي اڀريو، اسان سڄي دنيا جي تعليمي رينڪنگ ۾ پنهنجي پوزيشن ٺاهي رهيا آهيون، هن تعليمي اداري ۾ سريلنڪا جا شاگرد به تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ڪوبه اوهان کان سڀ ڪجهه ڦري سگهي ٿو پر اوهان جي تعليم نٿو ڦري سگهي.پ پ چيئرمين چيو ته شهيد بينظير ڀٽو آمرن جي سامهون مزاحمت ڪئي، جمهوريت ڪنهن تحفي ۾ ناهي ڏني، سمورن بندوقن وارن کي اسان شڪست ڏني. هن چيو ته اسلام آباد ۾ جيڪو بزرگ ويٺل آهي انهي کي سمجهائينداسين، پراڻو نوڪيا موبائل استعمال ڪندڙن کي نوجوانن جي حق جي ڪهڙي خبر؟ اسلام آباد ۾ پراڻي بزرگ کي واٽس ايپ، نيٽ فليڪس، گيمنگ جي ڪهڙي خبر؟ اسان کي انهي کان پنهنجو حق ڦرڻو آهي، جمهوري ۽ پرامن طريقي سان ڊيجيٽل بل آف رائٽس جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. نوجوانن کي پنهنجو ڊيجيٽل بل آف رائٽس گهرجي ته مون کي تجويزون ڏين.بلاول ڀٽو چيو ته هن ٽٽل نظام ۾ رهي جدوجهد ڪري نوجوانن کي حق ڏيارينداسين، دنيا ۾ سڀني کان پهريون ڪمپيوٽر وائرس لاهور جي ٻن نوجوانن ٺاهيو هو. هن چيو ته اسان کي موسمياتي تبديلي جي خطري کي سمجهڻو ۽ مقابلو ڪرڻو آهي، افسوس وفاقي بجيٽ ۾ موسميات تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪابه پلاننگ ناهي ڪئي وئي، 70 سالن جو بزرگ ويهي بجيٽ پاس ڪرائيندو آهي. دنيا ۾ 10 ملڪ ماحولياتي تبديلي جي خطري ۾ آهن، انهن ۾ پاڪستان به شامل آهي. اسان اهڙن ملڪن ۾ شامل آهيون جيڪي ٻڏي ويندا. پ پ چيئرمين چيو ته خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوري بجيٽ کي ڦاڙي نئون بجيٽ ٺاهڻو پوندو. 70 سالن جا بزرگ ويهي بجيٽ ٺاهيندا آهن، انهي کان به وڌيڪ بزرگ سياستدان گوڙ ڪري بجيٽ منظور ڪرائيندا آهن. ترقي يافته ملڪن پنهنجي انڊسٽري کي هلائڻ جي لاءِ دنيا جو ماحول خراب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو