ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قائد جي ڏهاڙي، ڪرسمس ۽ نئين سال جي موقعي تي سيڪيورٽي فول پروف بڻائڻ لاءِ گڏيل ايڪشن پلان جي منظوري ڏني وئي.رينجرز ترجمان موجب ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد شمريز ۽ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ سڪيورٽي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جيز، حساس ادارن جي اعليٰ آفيسرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس دوران قائد جي ڏهاڙي، ڪرسمس ۽ نئين سال جي حوالي سان ڪراچي ۾ امن امان جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو.رينجرز ترجمان موجب اجلاس دوران ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ پاران رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن کي تيز ڪرڻ، ڪراچي جي داخلي ۽ خارجي رستن ۽ بين الصوبائي چيڪ پوسٽن تي چيڪنگ کي سخت ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون.اهڙي طرح نئين سال جي موقعي تي هٿيارن جي نمائش ۽ هوائي فائرنگ تي پابندي کي يقيني بڻائڻ جون به هدايتون جاري ڪيون ويون.رينجرز ترجمان موجب اجلاس دوران قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










