واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ

واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ

ڪراچي(امانيٽرنگ ڊيسڪ) ترجمان واٽر ڪارپوريشن چيو آھي تہ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي بنا ڪنهن وقفي جي جاري آهي ۽ سمورن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور تي بحال ڪئي وئي آهي ڪلفٽن پي آئي بي گلشن اقبال سخي حسن ڪياماڙي ۽ لياري سميت شهر جي سمورين ڊسٽري بيوشن پمپنگ اسٽيشنن تان پاڻي جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي هن چيو تہ ته موجوده وقت شهر کي روزانو 1200 ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي پر ان جي برعڪس واٽر ڪارپوريشن جي سسٽم ۾ هن وقت رڳو روزانو 650 ايم جي ڊي پاڻي موجود آهي جيڪو ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تان 550 گھارو پمپنگ اسٽيشن تان 30 ۽ حب ڪئنال مان 70 ايم جي ڊي پاڻي فراھم ڪيو ويندو آھي جنھن جي سڄي شھر ۾ منصفاڻي تقسيم ڪئي ويندي آهي هن چيو تہ اهيو تاثر سراسر غلط آهي تہ لائينن جو پاڻي واٽر ٽينڪرز جي ذريعي فراهم ڪيو ويندو آھي ڇاڪاڻ تہ ڪل 650 ايم جي ڊي پاڻي مان سرڪاري هائيڊرنٽس جي ذريعي صرف 15 کان 18 ايم جي ڊي پاڻي روزانو شهر کي فراهم ڪيو ويندو آهي جيڪو سرڪاري هائيڊرنٽس جي ذريعي جنرل پبلڪ سروس جي تحت عوام کي سرڪاري رعايتي قيمتن تي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي هن چيو واٽر ٽينڪرز کي روڪڻ ھڪ غير قانوني ۽ غير اخلاقي عمل آهي ڇاڪاڻ تہ واٽر ٽينڪرز ذريعي عوام سميت مسجدن امام بارگاهن اسپتالن اسڪولن سرڪاري ۽ رياستي ادارن ۽ عوامي ٽينڪن کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي ترجمان چيو تہ غلط افواهون پکيڙي ڪري شهرين کي پريشان ڪيو پيو وڃي انڪري قانون ڪنهن کي بہ پنھنجي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي ۽ جيڪو قانون کي پنھنجي هٿ ۾ کڻندو يا رياست ۽ ادارن جي رٽ کي چيلينج ڪندو تہ ان جي خلاف فوري طور تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي هن چيو تہ مظاهرا ڪري سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ غير قانوني عمل آهي جنهن کي ڪنهن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪيو ويندو ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ وارن کي ڪنهن بہ صورت ۾ بخش نہ ڪيو ويندو  هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ مظاهرين جي فوٽيج رياستي ادارن ڏانهن موڪليون ويون آھن تہ جيئن سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي ۽ سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز کي پڻ آگاھ ڪيو ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو