اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ۾ قتل ڪيس جي جوابدار اسحاق جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي.عدالت ۾ جسٽس اطهر من الله چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ 2017 کان ڪيس التوا ۾ آهي، رياست حڪومت کي ٺاهڻ ۽ ڪيرائڻ ۾ مصروف آهي، سمورا ادارا سياسي مخالفن جي پويان آهن،جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن آئين تي عمل ٿئي ها ته اهڙيون حالتون نه هجن ها، هي ادارو به ايترو ئي سچ ڳالهائيندو آهي جيترو اسان جو معاشرو، 40 سالن کانپوءِ چونڊيل وزيراعظم جي قتل جو اعتراف ڪيو ويو،هن چيو ته وزيراعظم کي قتل ڪرڻ کان وڏو ڏوهه ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ڪنهن کي ذميوار قرار ڏئي سزا ڏني وڃي ها.ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته رياست جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ 3 وزير اعظم مارجي ويا، ٽنهي وزيراعظمن جي ڪيسن جو ڇا ٿيو، بلوچستان ۾ هڪ سينيئر جج کي به قتل ڪيو ويو،خبر ناهي ڇاٿيو،جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اصل ڳالهه اها آهي ته ڪجهه نه ڪرڻ جي خواهش آهي،ٻين 2 صوبن جي مقابلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب پوليس جي جاچ انتهائي خراب آهي،جيستائين رياستي ادارا سياسي انجينيئرنگ ۾ مصروف هوندا ته اهڙو حال رهندو،هن چيو ته ماڻهن جو ادارن تي اعتبار ناهي، ماڻهو چاهين ٿا ته سپريم ڪورٽ سمورا ڪم ڪري. عدالت ۾ جسٽس ملڪ شهزاد رمارڪس ڏنا ته جنهن ملڪ ۾ وزيراعظم جي اهڙي حالت هجي اتي عام ماڻهو جو ڇا ٿيندو؟ هڪ ڏينهن وزيراعظم وزيراعظم هائوس ۾ هوندو آهي ۽ ٻئي ڏينهن جيل ۾ هوندو آهي.جسٽس ملڪ شهزاد چيو ته خبر ناهي ڪنهن کي ڪيترا ڏينهن وزيراعظم رهڻو آهي.










