راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه 9 مئي تي اڊيالا جيل ۾ جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي موقعي تي باني پي ٽي آءِ ۽ شاهه محمود قريشي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عمر ايوب، شيخ رشيد، فواد چوڌري، زرتاج گل ۽ راجا بشارت سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا،وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد جج امجد علي شاهه عدالت ۾ فرد جرم پڙهي ٻڌايو،پي ٽي آءِ جي باني کان علاوه شيخ رشيد سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، مجموعي طور 100 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ جي باني سميت ٻين جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي جو ڪيس آر اي بازار ٿاڻي ۾ داخل آهي، ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني سميت 143 جوابدار نامزد آهن،عدالت اڳ ئي 23 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي. شهباز گل، زلفي بخاري ۽ مراد سعيد به جوابدارن ۾ شامل آهن، جن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي.پي ٽي آءِ جي 70 اڳواڻن تي 9 مئي جي رٿابندي جو الزام آهي، انهن تي ڪارڪنن کي باهه ڏيڻ ۽ فوجي ۽ سرڪاري هنڌن تي حملن جو الزام آهي.عدالت 10 ڊسمبر تي پراسيڪيوشن جا ثبوت رڪارڊ ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سميت ڪيترائي اڳواڻ اڊيالا جيل ٻاهران گرفتار
پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب کي اڊيالا جيل ٻاهران گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب عمر ايوب سان گڏ پنجاب جي اڳوڻي صوبائي وزير راجا بشارت، ملڪ احمد چٺا ۽ عظيم الدين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.عمر ايوب سميت پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل پهتا.پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اڊيالا جيل جي احاطي مان گرفتار ڪري جيل پوسٽ تي منتقل ڪري ڇڏيو.عمر ايوب جي وڪيل رانا مدثر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمر ايوب ۽ راجا بشارت کي اڊيالا جيل جي محافظن حراست ۾ ورتو آهي. اڃان تائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته کيس ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.










