ڪوهيڙي ۽ سموگ سبب 2 اڏامون رد، 35 دير جو شڪار

ڪوهيڙي ۽ سموگ سبب 2 اڏامون رد، 35 دير جو شڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪوهيڙي ۽ سموگ سبب 2 اڏامون منسوخ ۽ 35 دير ٿي ويون.فلائيٽ شيڊول موجب فيصل آباد کان دبئي ويندڙ اڏام ايف زيڊ 392 ۽ دبئي کان سيالڪوٽ ويندڙ پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام اي ڪي 618 کي منسوخ ڪيو ويو آهي جڏهن ته لاهور کان دبئي ويندڙ اڏام پي اي 411 کي اسلام آباد موڙيو ويو آهي.فلائيٽ شيڊول موجب استنبول کان ڪراچي لاءِ 2 اڏامون TK 708 ۽ 709 ۾ 4 ڪلاڪ، رياض کان لاهور XY 317 ۽ 318 ۾ 7 ڪلاڪ، ڪراچي کان لاهور تائين 2 اڏامون 1 کان 3 ڪلاڪ، ڪراچي کان لاهور لاءِ 2 اڏامون 1 کان 3 ڪلاڪ لڳن ٿيون. لاهور 2 ڪلاڪ لڳن ٿا، جده، دبئي، ابوظهبي، شارجه، رياض، دوحا، دمام ۽ ٽورنٽو کان اسلام آباد جون اڏامون به دير سان هلي رهيون آهن.فلائيٽ شيڊول موجب پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 797 جي لاهور کان ٽورانٽو رواني ٿيڻ ۾ 7 ڪلاڪ دير ٿي.فلائيٽ شيڊول موجب دبئي کان سيالڪوٽ ويندڙ شارجه، دوحا، ابوظهبي ۽ دبئي کان سيالڪوٽ ويندڙ اڏام اي ڪي 619 ۾ به 12 ڪلاڪ دير ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو