نوجوان سارين جي ٿريشر جي ٽائر هيٺان چيڀاٽجي فوت

نوجوان سارين جي ٿريشر جي ٽائر هيٺان چيڀاٽجي فوت

سلطانپور (ن س ) نوجوان شمن علي عرف لمون جهلڻ پٽ خير محمد جهلڻ سارين واري ٿريشر هيٺان اچي چيٻاٽجي فوت ٿي ويو،سلطانپور ڳوٺ خيرو جھلڻ واسي پورهيت نوجوان سارين جي ديري تان واپس ايندي ٿريشر تي مٿان ويٺل هو جيڪو رستي تي اوچتي جمپ اچڻ دوران ترڪي ڪري پيو ته ٿريشر جي ٽائر ۾ چيڀاٽجي زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن پاران علاج لاءِ اسپتال نيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو سلطانپور :فوتي نوجوان شمن علي جھلڻ مزدوري ڪندو هو سندس لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو