2020ع جي شڪست کانپوءِ وائيٽ هائوس نه ڇڏڻ گهرجي ها: ٽرمپ

2020ع جي شڪست کانپوءِ وائيٽ هائوس نه ڇڏڻ گهرجي ها: ٽرمپ

پينسلوانيا (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي اڳوڻي صدر ۽ ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس 2020ع جي صدارتي چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ وائيٽ هائوس نه ڇڏڻ گهرجي ها. پينسلوانيا جي شهر لٽز ۾ ريلي کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس شڪست ۽ 2020ع جي صدارتي چونڊن جا نتيجا قبول نه آهن، هو واقعي محسوس ڪري ٿو ته هن کي هن وقت وائيٽ هائوس نه ڇڏڻ گهرجي ها. هن وڌيڪ چيو ته 5 نومبر جي چونڊن جا نتيجا ساڳئي ئي ڏينهن اچڻ گھرجي، مشينن تي وڏو خرچ ٿيو آهي، کيس خدشو آهي ته اليڪشن جا نتيجا 10 دير سان آندا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو