توشه خانه ٽو، خان جي ضمانت واري درخواست مقرر ڪرڻ جو حڪم

توشه خانه ٽو، خان جي ضمانت واري درخواست مقرر ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ باني جي توشه خاني ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 4 نومبر تي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته آفيس اعتراض واري درخواست تي چيو ته پاور آف اٽارني تاريخ کان ٻاهر آهي.پاور آف اٽارني ۾ وڪيل کي اختيار هوندو آهي ته هو گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست داخل ڪري.عدالت چيو ته پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي آفيس جا اعتراض ختم ڪيا وڃن. اهو به اعتراض ڪيو ويو ته ضمانت واري درخواست رد ڪندڙ ٽرائل ڪورٽ جو ڪو به تصديق ٿيل حڪم ناهي، بني پي ٽي آءِ جي وڪيل تصديق ٿيل حڪم جي ڪاپي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.حڪم ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ٽرائل ڪورٽ جي حڪم جي ڪاپي لاڳاپيل آفيس ۾ جمع ڪرائي وڃي، آفيس ضمانت واري درخواست کي نشانو بڻائي ڪيس جي ٻڌڻي سومر تي ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو