بجلي جي تقسيم ڪار ڪمپنين خلاف نيپرا وٽ شڪايتون جمع

بجلي جي تقسيم ڪار ڪمپنين خلاف نيپرا وٽ شڪايتون جمع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صارفين پاران نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين خلاف شڪايتون داخل ڪرايون ويون آهن.نيپرا بجلي ڪمپنين خلاف شڪايتن ۽ حل جو ڊيٽا جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين بجلي ڪمپنين خلاف 12 هزار 938 شڪايتون داخل ڪيون ويون.ليسڪو خلاف 3 هزار 588 شڪايتون داخل ڪيون ويون، جڏهن ته فيسڪو خلاف 2302، ميپڪو خلاف 2177 ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف 1268 شڪايتون داخل ڪيون ويون.نيپرا موجب 1262 شڪايتون دور ڪيون ويون، 1410 گيپکو خلاف، 736 آئيسڪو خلاف آيو آهن،نيپرا ۾ ٽسڪو خلاف هڪ به شڪايت داخل ناهي ڪئي وئي.نيپرا جي دستاويزن موجب بجلي صارفين جون 12 هزار 490 شڪايتون حل ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو