ڪراچي ۾ 556 خطرناڪ عمارتون برقرار، اٿارٽي رپورٽ ۾ انڪشاف

ڪراچي ۾ 556 خطرناڪ عمارتون برقرار، اٿارٽي رپورٽ ۾ انڪشاف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪراچي ۾ 556 خطرناڪ عمارتون برقرار آهن. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ سنڌ اسمبلي ۾ پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب، 556 خطرناڪ عمارتن مان رڳو صدر ٽائون ۾ 327 عمارتون موجود آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايس بي سي اي 146 غير قانوني رهائشي منصوبن خلاف به ڪارروائي ناهي ڪئي. رپورٽ موجب، شهر جي مختلف علائقن ۾ واقع 596 پلاٽن تي به غير قانوني اڏاوتن کي نه روڪيو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 21 تعمير هيٺ منصوبن ۾ بلڊنگ پلان ۽ اين او سي به نه ٽنگيو ويو ۽ نه ئي ڪارروائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب، 2015 کان 2020 تائين پنجن سالن ۾ خالي ڪرايل عمارتن جو به ڪو رڪارڊ ميسر ناھي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنج سالن ۾ رهائشي پلاٽن کي ڪمرشل ڪرڻ بابت به ڪو تفصيل نه ڏنو ويو، غير قانوني عمارتن بابت عدالتي ڪيس ۽ نيب انڪوائرين بابت به ڪو رڪارڊ مهيا نه ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو