ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر 2 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2 پئسا مهانگو ٿي 277 رپيا 70 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 68 پيسا تي هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 337 پوائنٽن جي واڌ سان 90 هزار 532 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 90 هزار 195 پوائنٽس تي بند ٿيو.










